جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي (ڪتاب)

جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي (ڪتاب)

جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي ڪتاب

جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز جو خطن تي مشتمل ڪتاب آهي، جنهن جو مهاڳ نامياري اديب ۽ ڏاهي محمد ابراهيم جويي لکيو آهي. هيءُ ڪتاب سوڀي گيانچنداڻي جي نانءُ ڪيل آهي. اياز جي هن ڪتاب ۾ سندس 22 خط ۽ نوٽبڪ جا ڪجهه ورق آندل آهن، جن ۾ سندس انوکا ۽ تازا فڪري نڪتا به موجود آهن. مختلف قسم جي ذهني ڪيفيتن وارن خطن کي تاريخ پٽاندڙ هڪ هنڌ پيش ڪيو ويو آهي. مثلاً پهريان ٻه خط سنڌ جي لافاني عظمت کان متاثر ٿي ۽ سنڌي عوام سان دلي وابستگيءَ جي جذبي هيٺ لکيا ويا آهن، انهن کان پوءِ ڇهه خط ٽيڪسلا، ڪوهه مري ۽ ڀوربن مان، ٽيڪسلا جي قدامت ۽ بي مثل فن کان متاثر ٿي ۽ ان جي پس منظر ۾ اردو، پنجابي ۽ بنگالي ادب متعلق، ملڪ جي عام انسانن جي دک ڀري زندگيءَ جي مشاهدي تي لکيل آهن. هن مجموعي ۾ اياز پنهنجي ننڍپڻ جا واقعا، مٺيون ۽ ڪڙيون يادگيريون ۽ ڊائريءَ جا نوٽ به بيان ڪيا آهن. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو ڊسمبر 1963ع ۾ غلام رباني آگري، حيدرآباد مان ڇپايو، جنهن تي ايوبي آمريت 1964ع ۾ پابندي وڌي. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، جنوري 1998ع ۾ شايع ڪيو، جڏهن ته ان جو ٽيون ڇاپو روشني پبليڪيشن، ڪنڊياري 2008ع ۾ شايع ڪيو آهي. جنهن جي قيمت 150 روپيا رکيل آهي. هي ڪتاب شيخ اياز جي نثري تخليقن جي پهرئين جلد ۾ ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ پاران مئي 2010ع ۾ پڻ شامل ڪيو ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو